پنري بڊاماڻيءَ جو ڪوٽ

پُنري بڊاماڻيءَ جو ڪوٽ: سما دؤر جو هيءُ ڪوٽ 9-10 صدي عيسويءَ جو آهي. هيءُ ماڳ جھڏي ضلعي ميرپورخاص ۾ آهي. پنرو بڊاماڻي (ڏسو: بڊاماڻي، پنرو- جلد پهريون) لطيف جي مرد سورھيه ڪردارن مان ھڪ آھي، جيڪو سمن جي دؤر جو سخي ڏاتار ھو. ھيءُ ماڳ ان جي نالي سان منسوب آھي. دڙو 4 کان 6 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦھليل آھي. ڪوٽ جي ڊيگهه ۽ ويڪر 15 کان 20 ميٽر آھي. هن جون سرون پڪيون ۽ چونڪن واريون استعمال ٿيل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو